پرسرام پارو مل

پرسرام پارو مل

پرسرام پارو مل

پرسرام پارو مل: مشهور سماجي خدمتگار، درويش صفت انسان پرسرام پارومل 1895ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو ۽ کنڊ جي واپار سان سلهاڙجي ويو ۽ هڪ تمام نيڪ مالدار انسان جي روپ ۾ سامهون آيو. کيس سندس خدمتن جي ڪري ’بابا پرسرام‘ به چيو ويندو آهي. بابا پرسرام پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي سماجي ڪارناما سر انجام ڏنا، جن سبب هو ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويو، انهن جي فهرست طويل آهي. 1948ع ۾ هن مڌوداس سدا رنگاڻي، جهامنداس تلريجا سان گڏجي ’سيوا سدن سوسائٽي‘ نالي هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد ورهاڱي کانپوءِ دربدر ٿيل سنڌين جي مدد ڪرڻ هو. هنن ان پليٽ فارم تان سڀ کان پهرين جيڪو وڏو ڪم ڪيو اهو ’ناري شالا‘ اسڪول جو قيام هو جنهن ۾ عورتن کي هٿ جي هنر جي حوالي سان تربيت ڏني ويندي هئي، ان مقصد سان ته هو هنن حالتن ۾ ڪنهن عزت واري ڌنڌي سان لڳي پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن ۽ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن. ان کان پوءِ سيوا سدن 1948ع ۾ الهاس نگر جي ڪيمپ نمبر 3 وٽ ’نيو ايرا ‘ نالي هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو، 1950ع ۾ هن اسڪول کي باقاعده عمارت فراهم ڪئي وئي. جڏهن ته ان وقت اتي عورتن جي تعليم لاءِ ڪو به اسڪول ڪو نه هو، تنهن ڪري سيوا سدن 1961ع ڌاري ’ڪاليج آف آرٽس، سائنس ۽ ڪامرس‘ جو بنياد وڌو جيڪو عورتن جي تعليم لاءِ هو. پوءِ ان ڪاليج ۾ گڏيل تعليم ڏني وئي ۽ اڳتي هلي اهو ڪاليج، آر. ڪي تلريجا ڪاليج، الهاس نگر جي نالي سان مشهور ٿيو. 1966ع ۾ استادن جي تربيت جي ضرورت کي محسوس ڪندي، بابا ’پرسرام سيوا سدن‘ جي پليٽ فارم تان ’ڪاليج آف ايجوڪيشن‘ جو بنياد وڌو. بابا پرسرام ذاتي طور انهن ادارن جي نگراني ڪندو هو ۽ لڳاتار نظرداريءَ ذريعي انهن جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ انهن ادارن جي پرنسپالن سان رابطي ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ بابا پرسرام پاڻ ايترو پڙهيل لکيل نه هو، پر تعليم ۽ خاص طور غريبن جي اولاد لاءِ تعليم جي جذبي کيس تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي جيتوڻيڪ هو هڪ خوشحال ماڻهو هو، پر پاڻ سادي رهڻي ڪهڻي ۽ لباس کي پسند ڪندو هو. هو گانڌيءَ جو سچو پيروڪار هو ۽ اڪثر کاڌيءَ جا ڪپڙا اوڍيندو هو. هن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو هو. هو عورتن جي تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ هميشه ڪوشان رهيو. هو اجائي شهرت ۽ ناماچاريءَ کان پري ڀڄندو هو. هن 1982ع ۾ ديهانت ڪئي. مرڻ وقت پنهنجي سموري دولت سيوا سدن جي حوالي ڪيائين ۽ پنهنجون اکيون پڻ عطيي طور ڏيڻ جي وصيعت ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو